#قومي تيلدار ٻج واڌاري جو پروگرام-2026
news
urgent
قومي تيلدار ٻج واڌاري جو پروگرام-2026
Summary
زراعي توسيع کاتو حڪومتِ سنڌ پاران نيشنل آئل سيڊ اينهانسمنٽ پروگرام–2026 جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو وفاقي حڪومت جي گڏيل سهڪار سان لاڳو ڪيو پيو وڃي. سجاول ۾ منعقد ڪيل سيمينار دوران پروگرام جي تفصيلن تي روشني وڌي وئي، جنهن ۾ ڊي جي ايگريڪلچر سنڌ الله ورايو رند، ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر خدا بخش ڪلهوڙ، آئل سيڊ ريسرچ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ابرار شيخ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٺٽو ۽ سجاول محمد سليم جوکيو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سجاول وقاص احمد شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ عملدارن آبادگارن کي آگاهه ڪيو ته ٻج جي خريداري تي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، جنهن تحت في ايڪڙ 5000 رپيا سبسڊي ڏني ويندي.